حديثِ قدسي

حديثِ قدسي: مقدس حديث، الله جو اهو ڪلام، جيڪو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم بيان ڪيو هجي. حديث قدسي، قرآن شريف کان مختلف آهي. حديث قدسيءَ لاءِ ضروري ناهي ته اها جبرائيل عليه السلام جي وسيلي پهتي هجي. الهام جي ذريعي به پهچي سگهي ٿي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته حديث قدسيءَ ۾ لفظ الله جا هوندا آهن، زبان نبي سڳوري جي آهي. حديث قدسيءَ کي نماز ۾ تلاوت نٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري هن حديث جو حوالو ڏيندي اهو چيو ويندو ته الله تعاليٰ فرمايو. حديث قدسيءَ کي حديث جي ڪتابن ۾ ڪا الڳ حيثيت ڪانهي. ڪجهه مجموعا صحاح سته مان مرتب ڪيا ويا آهن. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)


هن صفحي کي شيئر ڪريو